TOWN COMMITTEE FAKIRABAD

فقير آباد شهر ۽ ان جي ڪائونسل جو تعارف

فقير آباد شهر، تعلقي ڪوٽڏيجي ضلعي خيرپور، سنڌ، پاڪستان ۾ واقع آهي. ان جي حد گمبٽ شهر سان ملي ٿي، ۽ روهڙي ڪئنال ان جي اولهه ۾ وهي ٿو. نيشنل هاءِ وي (N-5)، پاڪستان جي مکيه رستن مان هڪ آهي، جيڪو فقير آباد کان صرف 2 ڪلوميٽر پري آهي. ان کان علاوه، گمبٽ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز، پاڪستان جي هڪ جديد ترين اسپتال پڻ شهر فقير آباد کان هڪ ڪلوميٽر جي فاصلي تي واقع آهي

فقيرآباد شهر جو قيام لاهور جي سيٺ فقير وحيدالدين آندو جڏهن هن 1952ع ۾ ريلوي اسٽيشن گمبٽ ڀرسان فقير اسپننگ مل اينڊ ڪاٽن قائم ڪئي. جنهن ۾ ان وقت جو بهترين معيار جو ريشمي ڪپڙو تيار ٿيندو هو ۽ سڄي ملڪ ۾ مشهور هو. فقير اسپننگ اينڊ ڪاٽن فيڪٽريءَ جي ڪاميابيءَ کانپوءِ فقير وحيدالدين علائقي ۾ وڌيڪ ڪارخانا جو قائم ڪيا، جنهن ۾ جننگ، آئل ۽ آئس فيڪٽري وغيره شامل هئا ۽ سڄي علائقي کي هڪ صنعتي زون ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. فقير آباد شهر ۾ ان صنعتي ڪارخانن ۾ مزدوري ڪندڙ مزدورن لاء رهائش جون سهولتون ڏنيون وينديون هيون

هن وقت، فقير آباد ٽائون، 9 وارڊن ۾ ورهايل آهي، جنهن ۾ فقير آباد شهر جي شهري ۽ ڀرپاسي جي ٻهراڙين جا علائقا شامل آهن. فقير آباد ٽائون ڪائونسل جا 18 ميمبر، 09 سڌي ريت چونڊيل ميمبر ۽ 09 ريزرو ميمبر آهن

Scroll to Top